A Fascinating Journey to the Coal Miners Under the Leadership of the IDF Chairman

Поделиться
HTML-код
  • Опубликовано: 9 фев 2025
  • ڪول مائينر: معدني دولت جي ورهاست جو سوال
    ✍️ هڪ قلم، هڪڙو مان - رفيق ملاح
    ڪول مائينر جو سفر مون لاءِ هڪ نئين تجربي وانگر هو. معدني دولت سان مالا مال هيءُ علائقو، جيڪو ملڪ جي معاشي ڍانچي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو، افسوس جو پاڻ ئي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. ڪو بهتر رستو نه، نه اسڪول، نه اسپتال، نه صاف پاڻي، نه ئي مقامي ماڻهن لاءِ ڪو خاص بندوبست. ائين لڳي ٿو، ڄڻ هيءَ دولت فقط چونڊ ماڻهن لاءِ آهي، باقي اصل ڌرتي ڌڻين لاءِ صرف ڏکيائيون آهن.
    هڪ حقيقت جو سامهون اچڻ
    مون علم دوست فورم جي سٿ ۾، فقير احمد مريداڻي (مرڪزي چيئرمين)، شهباز کوسو (آفيس سيڪريٽري)، ۽ حڪيم امام بخش سان گڏجي، هن علائقي جي حالتن جو جائزو ورتو. هتي جي مقامي آبادي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، جتي دولت ته آهي، پر عام ماڻهوءَ لاءِ صرف محروميون ئي محروميون آهن.
    علم دوست فورم جو ڪردار
    علم دوست فورم، جيڪو هميشه علم، شعور ۽ سماجي مسئلن تي ڪم ڪندو رهيو آهي، هن مامري تي به توجهه ڏئي رهيو آهي. اسان جي مرڪزي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر اشرف عارفين جي خاص ڪوشش آهي ته هتي جي عوامي مسئلن تي آواز اٿارجي، ته جيئن ڪنهن به ريت سرڪار ۽ اختيارين جي ڪن تي جونءَ چُري. مرڪزي جنرل سيڪريٽري به ان موقعي تي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته اسان هن ظلم تي خاموش نه ويهنداسين.
    سوال، جيڪو جواب گهري ٿو
    اسان وٽ هميشه هڪ عجيب تضاد رهيو آهي. سنڌ، جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر ان جا اصل وارث بک، بدحالي ۽ بي وسيءَ جو شڪار آهن. ائين ڇو؟ ڪول مائينر مان نڪرندڙ ڪوئلو، جنهن مان ملڪي صنعت کي توانائي ملي ٿي، پر اتان جا مقامي رهاڪو روشنيءَ بدران اونداهي ۾ آهن.
    آگسٽ جو سج ۽ قوم جي تقدير
    آگسٽ جو مهينو عام طور تي آزاديءَ جو جشن وٺي اچي ٿو، پر ڇا اصل آزادي اها آهي، جيڪا صرف تقريرن ۾ نظر اچي؟ حقيقي آزادي ته اها آهي، جتي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي وسيلن تي برابر جو حق هجي. ڪول مائينر جو سفر اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته صرف قومي دولت هجڻ ڪافي نه آهي، ان جي برابر ورهاست ضروري آهي.
    اڳتي جي واٽ
    علم دوست فورم پنهنجن اصولن تي بيٺل رهي، هن مسئلي کي نه رڳو عام بحث جو حصو بڻائيندو، پر عملي قدمن تي به زور ڏيندو. اسان سڀني کي پنهنجو حصو پورو ڪرڻو پوندو، ته جيئن هي علائقو صرف معدني دولت لاءِ نه، پر انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ به سڃاتو وڃي.
    طالب دعا
    رفيق ملاح

Комментарии • 1