Sindhi Ghazal Tuhnjy Akhiyin me nenhan nazara by Manzar Hussaini

Поделиться
HTML-код
  • Опубликовано: 19 апр 2020
  • تنهنجي اَکين ۾ نِينهَن_نِظارا جھُومن ٿا
    سِڪ جا ڪيئي سمنڊ ڪنارا جھُومن ٿا
    تنهنجي جلون جذبا ڪيا ائين بي قابو
    سيوهڻ ۾ جئين ناد، نَغارا جھُومن ٿا
    دل جو آڳر اَنڌيري سان پوُريل هو
    تنهنجي آئي چنڊ ستارا جھُومن ٿا
    ساه اسان جو تنهنجي مُٺِ ۾ قيد آهي
    منهنجي دل ۾ تنهنجا نعره جھُومن ٿا
    هوليءَ وارا رنگ هڻي وئي چهري تي
    جَوڀن رُت جا پل هي سارا جھُومن ٿا
    اڏري ويا سڀ درد حَسن جي جيون جا
    چؤڏس تنهنجا ٽهڪ او پيارا جھُومن ٿا
    Singer: Manzar Hussaini
    Composer: AadiL Karam Hussain
    Poet: Hassan Shaikh

Комментарии • 8