سنڌ وطن آ زنده باد | Sindh Wattan A Zindabaad | सिंध वतन आ ज़िंदाबाद

Поделиться
HTML-код
  • Опубликовано: 20 окт 2024
  • هيءُ اسڪولي ٻارن لاءِ ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻيءَ جو لکيل سنڌ جو قومي ترانو آهي.
    آواز: مظهر حسين
    موسيقي: نذر حسين
    وڊيوگرافي: احسان احمد عرساڻ
    هدايتون: مسرت احسان عرساڻي
    تعاون: اوسر پيڙهڪا
    پيشڪش: نرواڻ پيڙهڪا
    ٻول
    سنڌ وطن آ زنده‌باد
    صنعت حرفت ۾ برڪت
    علم ۾ سچي آ عظمت
    ٻيو نہ ڪو در نهار
    سنڌ وطن آ زنده‌باد
    هرڪو هت آهي سرشار
    ڪيڏو آهي سائو سُڪار
    محنت ناهي هرگز بار
    سنڌ وطن آ زنده‌باد
    مذهب انسانيت آ جت
    مان محنت لهڻي هت
    ڪونهي ڪو ٻيو ويچار
    سنڌ وطن آ زنده‌باد
    ادب سائنس سڀ پرايون
    علم جو نہ ڪو گوشو رهايون
    سنڌي ٻولي آ شاهوڪار
    سنڌ وطن آ زنده‌باد
    جنگ جدل کان نفرت يار
    امن صلح سان رکان پيار
    سنڌي آهيان سنڌ جو ٻار
    سنڌ وطن آ زنده‌باد

Комментарии • 17